ڪنڌڪوٽ ۾ مھر ۽ جاگيراڻي برادري وچ ۾ ڇڪتاڻ، خونريزي جو خدشو

دراني مھر جي ڪچي واري علائقي ۾ مھر ۽ جاگيراڻي برادري جي وچ ۾ هلندڙ تڪرار نئين ڇڪتاڻ اختيار ڪري ورتي.خبر موجب جاگيراڻي برادري جي ماڻهن مھر برادري جي ٻن ڄڻن ـ علي گل مھر ۽ معشوق مھر ـ کي هٿيارن سميت سوگھو ڪري باندي بڻايو ۽ سندن ويڊيو ٺاهي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي. وائرل ٿيل ويڊيو ۾ جاگيراڻي برادري جا ماڻهو چيو پيا ٻڌجن ته انهن ٻنهي کي “جيون دان” ڏنو ويو آهي.مھر برادري جي ماڻهن جر رسول بخش مھر ۽ علي جان مھر جو چوڻ آهي ته جاگيراڻي برادري کين چار ڄڻن سميت اغوا ڪري وئي آهي، جن ۾ علي گل، معشوق ۽ ٻه ٻار ـ اسلم ۽ فيروز ـ شامل آهن. انهن جو چوڻ آهي ته جاگيراڻي برادري 25 ڳئون ۽ 8 مينهون به ڦر ڪري وئي آهي.واقعي جي باوجود پوليس طرفان ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي، جنهن سبب علائقي ۾ سخت خوف ۽ ڏهڪاءُ پيدا ٿي ويو آهي. مقامي ماڻهن موجب مھر ۽ جاگيراڻي برادري جي وچ ۾ ڪنهن به وقت خونريزي وڌڻ جو خدشو آهي.

پنھنجي راءِ لکو