سکر: نزاڪت جتوئي سان ڦرلٽ جو واقعو، صحافتي حلقن ۾ تشويش

ٻٻرلوءِ ٿاڻي جي حد ۾ سکر جي سينيئر صحافي ۽ نجي ٽي وي رپورٽر نزاڪت جتوئي کي نامعلوم هٿياربندن روڪي ڦرلٽ جو نشانو بڻايو۔تفصيل موجب نزاڪت جتوئي آفيس کان واپس گهر وڃي رهيو هو ته نامعلوم نقاب پوش هٿياربندن کيس روڪي، هٿيارن جي زور تي نقد رقم، موٽر سائيڪل ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا۔نزاڪت جتوئي جو چوڻ آهي ته: “اسان قلم سان انصاف ۽ سچائيءَ جي ڳالهه ڪندا آهيون، پر هاڻي صحافي پاڻ به غير محفوظ ٿي ويا آهن۔”ٻٻرلوءِ ۽ ڀرپاسي جي صحافتي تنظيمن واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته ڦرلٽ ۾ ملوث هٿياربندن کي فوري طور گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي۔

پنھنجي راءِ لکو