ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ ۾ پوليس ۾ تازو ڀرتي ٿيندڙ اهلڪارن جا ڊوميسائيل چيڪ ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينه جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪابينه پشاور پوليس لائين ۾ ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي. ان موقعي تي وڏي وزير ڌماڪي ۾ شهيد ٿيلن جي وارثن لاءِ 10 لک ۽ زخمين جي علاج لاءِ 5 لک روپيه جو امداد جو اعلان ڪيو ڪابينه اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه آءِ جي سنڌ کي پوليس ۾ نون ڀرتي ٿيندڙ اهلڪارن جا ڊوميسائيل چيڪ ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وڏي وزير چيو ته اهي نوڪريون صرف مقامي ماڻهن لاءِ آهن. آءِ جي پوليس ڊي سيز ذريعي ڊوميسائيل چيڪ ڪرائين
