ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ)”اسان پڇون ته ڪنهن کان پڇون، اسان جو ڪهڙو قصور آهي؟“ ڪنڌڪوٽ شهر جي يونين ڪائونسل نمبر 4، وارڊ نمبر 16، گوليمار مسڻ موڙ کان وٺي ڳوٺ حاجي غلام حسين چاچڙ تائين علائقي ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. سوين گهر گندي پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، جڏهن ته روڊن ۽ رستن تي بيٺل گندي پاڻي سبب ماڻهن جي زندگي عذاب بڻجي وئي آهي.گندي پاڻي سبب اسڪولن ۾ تعليم جو عمل معطل ٿي ويو آهي ۽ ٻار تعليم جي زيور کان محروم ٿي ويا آهن. ڳوٺ ۾ مليريا، ڊينگي ۽ چمڙي جون خطرناڪ بيماريون پکڙجي ويون آهن، جنهن ڪري رهواسي سخت پريشاني ۾ مبتلا آهن.علائقو تقريباً 30 هزار ووٽ بينڪ رکي ٿو، پر انتظاميا جي بي حسي سبب گوليمار ۽ ڳوٺ حاجي غلام حسين چاچڙ جا رهاڪو شديد تڪليف ۾ آهن. گندو پاڻي گهرن ۽ گهٽين ۾ بيٺل هجڻ ڪري جيت، نانگ ۽ وڇون به نڪري آيا آهن، جنهن سان ماڻهن جي زندگي وڌيڪ خطري ۾ پئجي وئي آهي.علائقي واسين جو چوڻ آهي ته “اسان جو قصور صرف اهو آهي ته اسان ڪنڌڪوٽ جا رهواسي آهيون.”انهن ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور شاھ زمان پٺاڻ، ايم اين اي ڪشمور سردار علي جان مزاري، ۽ ايم پي اي مير غلام عابد علي خان سندراڻي سميت ايم اين اي شڪارپور مير شبير علي خان بجاراڻي کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور نوٽيس وٺي گندي پاڻي جي نيڪال جو بندوبست ڪيو وڃي.رهاڪن جي اپيل آهي ته ڊپٽي ڪمشنر پاڻ ڳوٺ حاجي غلام حسين چاچڙ جو دورو ڪري ته کيس معلوم ٿيندو ته هتي جا ماڻهو ڪهڙي سخت ۽ غير انساني حالتن ۾ زندگي گذاري رهيا آهن.