ڪنڌڪوٽ ( رپورٽ عبدالخالق چاچڙ ) غربت ء مھانگائي سبب منهنجي پورت نه ٿي ٿئي مان ٻچا پالي نه ٿو سگھان غوثپور مھانگائي ء غربت سبب شھيد بادشاھ جي رھواسي 40 سالن جي نوجوان ڦاھو ڏئي زندگي جو ڏيئو وسائي ڇڏيو گهر م قعورام مچي ويو ھڪ ھفتو اڳ ھو گهر م غربت سبب پريشان ھو جنهن جي دوران گهر م مڙس ء زال جھيڙو ھلندڙ ھو گهرواري ٿاڻي تي پھتي ء گهرواري کي پرچائڻ بعد واپس گهر وٺي آيو مقتول جا وارث خودڪشي آهي يا ماريو ويو وڌيڪ غوثپور پوليس جاچ شروع ڪري ڏني رپورٽ اچڻ بعد خبر پوندي غوثپور پوليس ،تفصيل موجب غربت ء مھانگائي وڌڻ سبب ٻارن جو پيٽ پالي نه ٿو سگھان
غوثپور شھر جي شھيد بادشاھ پاڙي جو رھواسي چاليھن ورھين جي نوجوان اڪبر جعفري غربت سبب پاڻ کي ڦاھو ڏيئي زندگي جو ڏيئو وسائي ڇڏيو۔ پوليس ذريعن ٻڌايو ته ھڪ ھفتو اڳ ھو گھر ۾ غربت سبب سخت پريشان ھيو ۽ زال کي ڌمڪيون ڏيندو ھيو ته منھنجي پورت نٿي ٿئي مان ٻچا پالي نٿو سگھان ۽ ان سان اڪثر جھيڙو ٿيندو ھوس۔ ٻھ ڏينھن اڳ به زال ۽ ٻارن سان جھيڙو ڪري کين مارڪٽ ڪئي ته زال ٿاڻي تي دانھن کڻي آئي ۔ لاڪپ ڪري کيس سمجھايوس ۽ ان کان معافي وٺي واپس گھر ويو۔ اڄ صبح جو سوير گھر ۾ رسو ٻڌي پاڻ کي ڦاھو ڏيئي آپگھات ڪري ڇڏيائين۔ پوليس اطلاع ملڻ تي سندس لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لا۽ سول اسپتال ڪنڌڪوٽ کڻائي آندو جتي پوسٽ مارٽم بعد مقتول جو لاش وارثن جي حوالي ڪيو ويو لاش گهر پھچڻ تي قعورام مچي ويو معصوم ٻارڙا پنهنجي والد جي لاش کي چنبڙي ويا واقعي بعد فوتي جي گھر ۾ قعورام مچي ويو ھوڏانھن مقتول اڪبر جعفري جي وارثن ٻڌايو ته هو غربت ء مھانگائي سبب اڪثر سخت پريشان رھندو ھو ء زال مڙس م جھيڙو به رھندو زال کي به ڌمڪيون ڏيندو ھو ھنن وڌيڪ چيو ته ٻھ ڏينهن زال سان جھيڙو به ٿيو ھو ء گهرواري ٿاڻي تي مڙس خلاف دانهن کڻي آئي ء مڙس ٿاڻي تي لاڪپ م بعد معافي وٺڻ بعد پوليس ڇڏي ڏنو جنهن بعد ھي واقعو پيش آيو پوسٽ مارٽم بعد خبر پوندي ته خودڪشي آهي يا نوجوان کي ماريو ويو آهي غوثپور پوليس جاچ شروع ڪري ڏني واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي
