“فيلڊ مارشل جي بهادر قيادت هيٺ پاڪ فوج افغان اشتعال انگيزيءَ جو ڀرپور جواب ڏنو” – وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي سرحدي علائقن ۾ افغانستان جي اشتعال انگيزي جي سخت مذمت ڪئي آهي ۽ ان جو جواب ڏيڻ تي پاڪ فوج جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي، انهن کي ڀرپور خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي.پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم چيو ته:”پاڪ فوج جي پيشه ورانه مهارت تي فخر آهي. آرمي چيف جنرل عاصم منير جي بهادرانه اڳواڻيءَ ۾ پاڪ فوج افغانستان جي اشتعال انگيزيءَ جو ڀرپور جواب ڏنو ۽ دشمن جي ڪيترين ئي چوڪين کي تباهه ڪري، انهن کي پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪيو.”هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي دفاع تي ڪنهن به صورت ۾مجهوتو نه ٿيندو، ۽ ملڪ جي سلامتيءَ خلاف هر سازش جو اثرائتو جواب ڏنو ويندو.”دفاع مضبوط هٿن ۾آهي”شهباز شريف چيو ته پاڪ فوج هر دور ۾ ملڪ تي ٿيندڙ بيروني جارحيتن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي، ۽ قوم پنهنجي سلامتيءَ جي محافظن سان گڏ بيٺل آهي.افغان سرزمين مان دهشتگرد ڪارروايون: وزيراعظم جو اظهارِ خدشووزيراعظم ان ڳالهه تي پڻ ڳڻتي ظاهر ڪئي ته پاڪستان خلاف دهشتگرد ڪارروايون افغان سرزمين تان ٿي رهيون آهن. هن چيو:”پاڪستان ڪيترن ئي موقعن تي افغانستان کي ’فتنه الخوارج‘ ۽ ’فتنه الہندوستان‘ بابت معلومات مهيا ڪري چڪو آهي.قسمتي سان، دهشتگرد تنظيمون اتي موجود خاص حلقن جي سرپرستيءَ هيٺ سرگرم آهن.”هن افغان نگران حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اها يقين ڏياري ته افغانستان جي زمين پاڪستان خلاف استعمال نه ٿئي.

پنھنجي راءِ لکو