ڪنڌڪوٽ ڊسٽرڪٽ رپورٽر ،ڪنڌڪوٽ رات دير سان سي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ نامعلوم ھتياربندن پاڪستان سولجر آرگنائزيشن جنرل سيڪريٽري رئيس لعل بخش لاشاري جي گھر تي چڙهائي ڪري گھر ڀاتين جي مٿان تشدد جو نشانو بڻايو ويو
رئيس لعل بخش لاشاري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان لاشاري قوم انتھائي شريف نفس آھيو اسان جو ڪنھن سان بي ڪا ذاتي دشمني ڪونھي منھنجي گھر تي چڙهائي ڪري چادر ء چوديواري جي تقدس پائمال ڪيو آهي
مان ايس ايس پي عرفان سمون صاحب کان مطالبو ٿو ڪريان ته جلد کان جلد منھنجي گھر مٿان چڙهائي ڪندڙن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو وڃي
