پريالوءِ: پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو جي اڳواڻن جو سينيئر صحافي صوبل خان اوڍو جي وارثن سان تعزيت

پريالوءِ ڀرسان ڳوٺ قائم الدين اوڍو ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو سکر ڊويزن جي صدر عبدالڪريم سوهو، ضلعي خيرپور جي صدر ضمير علي جلباڻي ۽ ٽائون ڪاميٽي پريالوءِ جي صدر ﷲ ڏنو مغل سينيئر صحافي صوبل خان اوڍو مرحوم جي پونئيرن سان تعزيت لاءِ پهتا۔ان موقعي تي اڳواڻن مرحوم صحافي جي خدمتن کي زبردست خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو ته صوبل خان اوڍو هميشه سچائي، اصول پسندي ۽ بي باڪ صحافت سان عوامي مسئلا اجاگر ڪيا۔اڳواڻن چيو ته مرحوم جو نالو سنڌ جي صحافتي تاريخ ۾ عزت ۽ ايمانداريءَ سان ياد رکيو ويندو۔ ان موقعي تي ڪامران احمد مھر ۽ ٻيا ساٿي به موجود هئا۔آخر ۾ اڳواڻن مرحوم جي مغفرت ۽ بلند درجن لاءِ دعا ڪئي ۽ سندس پونئيرن سان دلي همدرديءَ جو اظهار ڪيو۔

پنھنجي راءِ لکو