سکر جي بس ٽرمينل وٽان انڪم ٽيڪس جو اسٽنٽ ڪمشنر اغوا، هٿياربندن اسسٽنٽ ڪمشنر کي اغوا ڪري اسٽينوگرافر ۽ گارڊ کي ڇڏي ويا

سکر (بيورو رپورٽ) سکر جي بس ٽرمينل وٽان انڪم ٽيڪس جو اسٽنٽ ڪمشنر اغوا، هٿياربندن اسسٽنٽ ڪمشنر کي اغوا ڪري اسٽينوگرافر ۽ گارڊ کي ڇڏي ويا،تفصيل موجب، سکر جي علائقي بس ٽرمينل ڀرسان اڻڄاتل هٿياربند انڪم ٽيڪس جي اسسٽنٽ ڪمشنر غلام شبير شيخ کي اغوا ڪري ويا، پوليس موجب ته اسسٽنٽ ڪمشنر انڪم ٽيڪس غلام شبير شيخ سکر مان ڊيوٽي ڪري لاڙڪاڻي واپس گهر وڃي رهيو هو ته رنگ روڊ تي بس ٽرمينل وٽ هٿياربندن سندس ڪار کي روڪيو، ۽ هٿيارن جي زور تي کيس کي اغوا ڪري ويا جڏهن ته اسٽينو گرافر ڪامران جمالي ۽ سيڪيورٽي گارڊ زين العابدين جن کي ڇڏي ويا،

پنھنجي راءِ لکو