پريالوءِ ۾ صوبل خان اوڍو جي وفات تي پيپلز پارٽي اڳواڻن تعزيت ڪئي

پريالوءِ (رپورٽ) — پريالوءِ ڀرسان ڳوٺ قائم الدين اوڍو ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو سکر ڊويزن جي صدر عبدالڪريم سوهو، ضلعي خيرپور جي صدر ضمير علي جلباڻي ۽ ٽائون ڪاميٽي پريالوءِ جي صدر ﷲ ڏنو مغل مرحوم سينيئر صحافي صوبل خان اوڍو جي پونئيرن سان تعزيت ڪئي۔ ان موقعي تي اڳواڻن مرحوم جي صحافتي خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته صوبل خان اوڍو هميشه سچ ۽ اصولن جي واٽ تي هلندي عوام جي آواز کي اجاگر ڪيو۔ ڪامران احمد مھر ۽ ٻيا ساٿي به موجود هئا، جڏهن⁠تہ اڳواڻن مرحوم جي بلند درجن لاءِ دعا ڪئي ۽ پونئيرن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو۔

پنھنجي راءِ لکو