ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ) — قبائلي تڪرارن جو ناسور ڪراچي کان ڪشمور تائين پکڙيل آهي ۽ ضلعي ڪشمور ۾ شريف ماڻھو لاءِ زندگي مشڪل بڻجي وئي آهي۔ محمداڻي برادري جي سردار خان محمد محمداڻي چيو ته جيڪڏهن علائقي جا سردار مير پير، چڱا مڙس ۽ پوليس جا اعليٰ عملدار هن ناسور جي خاتمي لاءِ سنجيدگي سان ڪوششون ڪن ته اها باھ ٿڌي ٿي ويندي ۽ بيگناهن جو وڌيڪ خون ضايع نه ٿيندو، ۽ انهن اميد ڏيکاري ته لطيف جي ننگري تي امن قائم ٿيندو۔ ان دوران، چار ڏينهن اڳ بنگوار برادري جي هٿياربندن پاران قتل ڪيل مقتول نوجوان ڊاڪٽر عبدالجبار محمداڻي جي وارثن احتجاجي مظاهرو ڪندي ڪشمور پوليس جي نااهلي خلاف نعري بازي ڪئي۔ مظاهري جي اڳواڻي ڊاڪٽر اصغر محمداڻي، پرويز پروانو، عبدالستار محمداڻي، ڊاڪٽر عباس محمداڻي ۽ مولانه مور سميت ٻين چڱن مڙسن ڪئي ۽ ميڊيا آڏو دانھيندي چيو ته ڊاڪٽر عبدالجبار بيگناه قتل ٿيو ۽ انهن جي برادري جو ڪنهن قبائلي تڪرار سان ڪو تعلق ناهي۔ وارثن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي ۽ ايس ايس پي ڪشمور کان اپيل ڪئي ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي ترت گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، نه ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو۔
