سکر(رپورٽ يارمحمد سومرو) پاڪستان مسلم ليگ ن سنڌ جي صدر شاهه محمد شاهه چيو آهي ته مهانگائي اسان کي سياسي وراثت ۾ ملي آهي ملڪ ۾ مهانگائي عمران خان جي آئي ايم ايف معاهدي سبب ٿي آهي ڇاڪاڻ ته آئي ايم ايف سان عمران خان غيرمناسب معاهدا ڪيا، انتهائي افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته حڪومتون بدلجنديون رهنديون آهن رياست ناهي بدلجندي، انشاءَ الله ن ليگ جي قيادت ملڪ کي ڏنل بحرانن مان جلد ڇوٽڪارو ڏياريندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سکر ۾ مقامي هوٽل ۾ ن ليگ جي مرڪزي اڳواڻ مريم نواز جي ڪراچي ورڪرز ڪنويشن ۾ اچڻ جي سلسلي ۾ سکر ڊويزن، لاڙڪاڻو ڊويزن، ڊسٽرڪٽ جي صدرن، سيڪريٽرين سميت ٻين ڪارڪنن سان ملاقات دوران ڪيو هن مذڪوره عهديدارن ۽ ڪارڪنن کي ڀرپور شرڪت کي يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي ان موقعي تي لاڙڪاڻي ڊويزن، سکر ڊويزن ، ڊسٽرڪٽ جي صدرن ۽ سيڪريٽرين جن ۾ احسان احمد سومرو، امداد علي بلو، خورشيد ميراني، خالد شيخ، علي اصغ ملهن، نثار ابڙو، پير علوي، اعظم خان، گل حسن کوسو، وشال پلياڻي، سعيد بليدي، محمد ڏنو لاکو، ممتاز نوناري، سميت ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ن ليگ سنڌ جي صدر شاهه محمد شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته مهانگائي دنيا ۾ ٿي آهي برطانيا جي حڪومت ۾ مهانگائي عروج تي پهچي وئي آهي جنهن سبب ٽرينون به بند ٿي ويون آهن هن چيو ته ملڪ مان ڪڻڪ ۽ چانورن جي اسمگلنگ کي روڪڻ لاءِ جوڳا قدم کڻي رهيا آهيون، هن وڌيڪ چيو ته کاڌ ڪڻڪ جي شارٽيج سبب آبادگارن سان گڏ عوام جو به نقصان ٿيو آهي بجلي جي لوڊشيڊنگ موجوده حڪومت ختم ڪئي آهي.
