افغان ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارينداسين، پوءِ ملڪ بدر ڪنداسين ;مراد علي شاهه:

— سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته افغان ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويندا ۽ ان کان پوءِ انهن کي ملڪ بدر ڪيو ويندو.ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته بدقسمتي سان ڪجهه ماڻهو هر ڳالهه کي منفي رنگ ڏين ٿا، جيڪڏهن پوليو ويڪسين ۾ ڪو مسئلو هجي ها ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ آصفه ڀٽو کي ويڪسين نه پياري ها. هن عالمن ۽ سماجي شخصيتن کي اپيل ڪئي ته هو پوليو کان بچاءُ واري مهم ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪن.وڏي وزير ٻڌايو ته جيڪي والدين ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪندا، انهن لاءِ چيف منسٽر هائوس ۾ سيل قائم ڪيو ويو آهي، جتي ڊيٽا رڪارڊ ڪيو ويندو ۽ پوءِ والدين سان رابطو ڪري کين آگاهي ڏني ويندي ته پوليو ويڪسين ڇو ضروري آهي.مراد علي شاهه چيو ته پوليو وائرس هاڻي صرف ٻن ملڪن تائين محدود آهي، جيڪو اسان لاءِ شرم جهڙو معاملو آهي ته اڃا تائين ان موذي بيماري کي ختم نه ڪري سگهيا آهيون. هن ٻڌايو ته هن سال سنڌ ۾ پوليو جا نَوَ نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.وڏي وزير چيو ته پوليو بچاءُ جي هفتيوار مهم سهراب ڳوٺ ۾ به جاري رهندي، جتي افغاني ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويندا ۽ پوءِ انهن کي ملڪ بدر ڪيو ويندو.مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن افغانستان جي طرفان حملو ڪيو ويو ته جواب به ڏنو ويو آهي. سڀ سياسي پارٽيون پنهنجي فوج سان گڏ آهن. هن چيو ته سرحدن تي خطرا ضرور آهن پر پوليو مهم کي نه روڪبو — اها به هڪ جنگ آهي جيڪا اسان کي پنهنجي ٻارن کي موذي بيماري کان بچائڻ لاءِ وڙهڻي پوندي.

پنھنجي راءِ لکو