تنگواڻي ۾ يوسي چيئرمين تي مبينا ڪرپشن جا الزام، ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ) — تعلقا تنگواڻي جي يونين ڪائونسل چيلھ جي چيئرمين نياز عرف دنگلو کوسو تي مبينا ڪرپشن جا الزام لڳايا ويا آهن، ڳوٺاڻن پاران پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.تفصيل موجب، مظاهرو ڪندڙ ابراهيم گشڪوري، حافظ عبدالمجيد بهلڪاڻي، شيراز احمد گشڪوري، ذوالفقار گشڪوري، رحمان بگٽي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته چيئرمين نياز کوسو گذريل ڪيترن سالن کان عهدي تي آهي، جنهن کي بااثر سياسي ماڻهن جي پٺڀرائي حاصل آهي.احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته چيئرمين يونين ڪائونسل لاءِ آيل فنڊ، سولر پکا، نلڪا ۽ غريب عورتن لاءِ سلائي مشينون به هڙپ ڪري ڇڏيون آهن.هنن ڊي سي ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۽ اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺڻ ۽ جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته جيڪڏهن ڪرپٽ چيئرمين ۽ ڪائونسلرن خلاف ڪارروائي نه ڪئي وئي ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.


پنھنجي راءِ لکو