ايس ايس پي ڪشمور محمد مراد گھانگھرو جي هدايتن ۽ سڌي نگراني ۾ پوليس ٽيم ڪرمپور پوليس اسٽيشن جي حدن اندر مقابلي دوران 8 سالن جي معصوم ڇوڪري سان زيادتي جي ڪيس ۾ ملوث جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو۔تفصيل موجب، 7 آڪٽوبر 2025 تي ڪرمپور پوليس اسٽيشن جي حدن ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول بهار خان بجاراڻي ۾ هڪ استاد ڪبير بجاراڻي 8 سالن جي نينگري فلڪ سان زيادتي ڪئي هئي، جنهن جو ڪيس فوري طور تي داخل ڪيو ويو۔ ايس ايس پي ڪشمور فوري جاچ جو حڪم ڏنو ۽ جديد ٽيڪنالاجي ذريعي جوابدار جي ڳولا لاءِ خاص ٽيم ٺاهي وئي۔پوليس جڏهن ڪرمپور جي علائقي اقبال احمد بجاراڻي لارو ڀرسان پهتي ته جوابدار پوليس پارٽي تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي جواب ۾ پوليس جوابي فائرنگ ڪئي۔ فائرنگ جي تبادلي ۾ ملزم ڪبير بجاراڻي پٽ عبدالحڪيم بجاراڻي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو۔ايس ايس پي ڪشمور محمد مراد گھانگھرو پوليس ٽيم جي بروقت ۽ اثرائتي ڪارروائي تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته:”ڪشمور پوليس ڪنهن به بي رحم مجرم کي قانون جي چنگل مان ڀڄڻ نه ڏيندي، قانون جي مزاحمت ڪندڙ عنصرن سان سختي سان پيش ايندو۔”هن وڌيڪ چيو ته سول سوسائٽي پاران پوليس سان تعاون قابل تعريف آهي، اهڙو اعتماد سماجي انصاف ۽ امن لاءِ اهم آهي۔
