ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ) —تنگواڻي لڳ تعليم کاتي جي لاپرواهي ۽ بي ڌياني سبب ڳوٺ حاجي الله يار نندواڻي جو قديمي اسڪول مڪمل طور تي بلڊنگ، فرنيچر ۽ استادن جهڙين بنيادي سهولتن کان محروم بڻيل آهي، جنهن سبب علائقي جي نئين نسل کي تعليم جهڙي زيور کان محروم ڪيو پيو وڃي.تفصيل موجب، تعلقا تنگواڻي جي يوسي صيفل ۾ واقع اسڪول ۾ نه عمارت موجود آهي، نه فرنيچر ۽ نه ئي استادن جي حاضري يقيني بڻائي وئي آهي۔ ڳوٺاڻن موجب ڪيترائي ڀيرا بالا آفيسرن کي شڪايتون ڏنيون ويون پر ڪنهن به قسم جو عملي قدم نه کنيو ويو۔ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته استاد روزانو اسڪول نه ٿا اچن، والدين پنهنجن ٻارن کي اسڪول ڇڏين ٿا پر استادن جي غيرحاضري سبب ٻارڙا ويهي تنگ ٿي واپس هليا وڃن ٿا، جنهن سان سندن تعليم سخت متاثر ٿي رهي آهي۔ڳوٺاڻن جو وڌيڪ چوڻ هو ته چونڊيل نمائندا ووٽ وٺڻ لاءِ ته اچن ٿا پر پوءِ عوامي مسئلن کان ڪن لاٽار بڻيل آهن۔ انهن الزام لڳايو ته تعليم کاتي جا بائيو مئٽرڪ انچارج به ڪرپشن ۾ ملوث آهن، جيڪي استادن کان “چانهه پاڻي” وٺي غيرحاضري تي اکون ٻوٽي ڇڏين ٿا۔آخر ۾ ڳوٺاڻن پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، تعليم کاتي جي صوبائي وزير ۽ ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور کي اپيل ڪئي ته اسڪول جي حالت تي نوٽيس وٺي، تعليم کي بچائڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن۔
