پاڪستان پيپلز پارٽي جو سينيئر اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي جو اڳوڻو اسپيڪر آغا سراج دراني لاڏاڻو ڪري ويو آهي۔ صدر آصف علي زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ٻين اڳواڻن سندس لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي۔رپورٽن موجب آغا سراج دراني 72 سالن جي عمر ۾ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ علاج دوران وفات ڪئي۔ کيس هڪ مهينو اڳ برين هيمبرج ٿيو هو، جنهن بعد کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته ڪجهه ڏينهن کان سندس طبيعت ٻيهر خراب ٿي وئي هئي۔ ڊاڪٽرن اڄ سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي۔آغا سراج دراني جو شمار پيپلز پارٽي جي سينيئر ۽ ڀروسي وارن اڳواڻن ۾ ٿيندو هو۔ هو 5 آڪٽوبر 1953ع تي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو۔ ابتدائي تعليم سينٽ پيٽرڪ هاءِ اسڪول مان حاصل ڪئي ۽ سنڌ مسلم گورنمينٽ لا ڪاليج مان ايل ايل بي جي ڊگري ورتي۔هن کي ٻه ڀيرا سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر چونڊجڻ جو اعزاز حاصل ٿيو۔ هو 31 مئي 2013ع کان 25 مئي 2024ع تائين اسپيڪر رهيو، جڏهن ته مارچ 2022ع کان آڪٽوبر 2022ع تائين وقتي گورنر سنڌ جي حيثيت سان به خدمتون انجام ڏنيون۔آغا سراج دراني 1988ع ۾ پهريون ڀيرو سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو، جڏهن ته هو ٽي ڀيرا صوبائي وزير به رهيو۔ سندس سياسي ڪيريئر چئن ڏهاڪن تي پکڙيل هو، ۽ هو شهيد بينظير ڀٽو ۽ آصف علي زرداري جو ڀروسي جوڳو ساٿي رهيو۔ايوان صدر طرفان جاري بيان ۾ آغا سراج دراني جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي سندس سياسي ۽ جمهوري خدمتن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو ويو۔وزيراعظم شهباز شريف، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، گهرو وزير ضياءُالحسن لنجار، ۽ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب سميت ڪيترن ئي اڳواڻن سندس لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو۔سنڌ جي وڏي وزير چيو ته آغا سراج دراني پيپلز پارٽي جو مخلص، وفادار ۽ اصول پسند اڳواڻ هو، جنهن هميشه صوبي جي عوام جي خدمت کي پنهنجو مقصد بنايو۔گهرو وزير ضياءُالحسن لنجار چيو ته آغا سراج دراني جمهوريت جي استحڪام ۽ عوامي نمائندگي کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو۔
