سکر:ڪشميرين سان اظھار يڪجهتي ڪبڊي ميچ ڪراچي جي شاھ لطيف گرائونڊ ۾ بٽ برادري فائونڊيشن ڪراچي پاران ڪرايو ويو

سکر(رپورٽ يارمحمد سومرو)ڪشميرين سان اظھار يڪجهتي ڪبڊي ميچ ڪراچي جي شاھ لطيف گرائونڊ ۾ بٽ برادري فائونڊيشن ڪراچي پاران ڪرايو ويو ۔هڪ ڏينهن واري ڪبڊي ميچ ڀٽائي ڪبڊي ڪلب ۽ گجر ڪبڊي ڪلب جي ٽيمن حصو ورتو گجر ڪبڊي ڪلب ميچ کٽي ورتو۔ بٽ برادري فائونڊيشن ڪراچي جي صدر ۽ مسلم ليگ ن ڪراچي جي اڳواڻ زبير بٽ سمورن رانديگرن کي انعام ڏنا ان موقعي تي ڪشميري عوام سان اظهار يڪجهتي ميچ تقريب کي مهمان خاص زبير بٽ خطاب ڪندي چيو ته پاڪستاني قوم ڀارت جي غير قانوني والاريل ڪشمير تي قابضي خلاف ڪشمير جي مظلوم ۽ مجبور عوام سان يڪجهتي جو اظھار ڪريٿي سکر مان جاري بيان ۾ زبير بٽ جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستاني قوم پنج فبروري تي هر سال ڪشميرين سان ايڪتا جو اظهار ڪري هندستان خلاف نفرت جو اظهار ڪندي آھي هندستاني فوج والاريل ڪشمير جي مسلمانن مٿان ظلم جا پهاڙ ڪيرائي ڇڏيا آھن جنت نظير وادي کي ڪشميرين جي رت سان رنگيو ويو آھي پاڪستان جو عوام ۽ حڪومت والاريل ڪشمير جي ڀائرن جي سفارتي ۽اخلاقي حمايت ڪندي رهندي هاڻي اهو ڏينهن پري ناهي جو آزادي جو سج اڀرندو ۽ والاريل ڪشمير جا مسلمان امن ۔خوشحالي سان گڏ آزاد زندگي جو نئون سفر شروع ڪندا ان موقعي تي وائس چيئر مين امين بٽ۔راجا عارف۔ايم عباس۔عطامحمد۔منور بٽ ۔ابو خالد ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا۔جڏهن ته گرائونڊ۾ موجود تماشائين جو وڏو انگ موجود هو رانديگرن کي تاڙيون وڄائي داد ڏنو۔آخر ۾ اسڪول جي شاگردن ٽيبلوز پڻ پيش ڪري ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو۔

پنھنجي راءِ لکو