ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ) — ايس ايس پي ڪشمور محمد مراد گھانگھرو جي ھدايتن تي انچارج مددگار خليل احمد لغاري ۽ سندس ٽيم ڪامياب ڪارروائي ڪندي ٿاڻي اي سيڪشن ڪنڌڪوٽ جي حدن مان جديد ٽيڪنالاجيءَ جي مدد سان ڏھ عدد چوري ٿيل موبائل فون برآمد ڪري اصل مالڪن حوالي ڪيا، جن ۾ سميت ڪمار، رياض ملڪ، مڪيش ڪمار، شهزادو بنگوار، آصف کوسو، مهيندر راجه ڪمار، شنڪر لال، سجاد شيخ ۽ انيل ڪمار شامل آھن، جڏهن ته ڪارروائي دوران چنگيز عرف چنگو ولد نظير لاشاري نالي جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو، جيڪو موٽر سائيڪل، موبائل ۽ پرس سميت ڪيترين ڏوھارين وارداتن ۾ ملوث رهيو آھي، گرفتار جوابدار خلاف ڪيترائي مقدمات داخل آھن، ايس ايس پي ڪشمور محمد مراد گھانگھرو ٽيم کي شاباش ڏيندي چيو ته پوليس شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آھي ۽ ڏوھارين خلاف ڪارروائيون جاري رهنديون۔
