پريالوءِ: شاگردن جو هيڊ ماستر خلاف احتجاج، سرٽيفڪيٽ لاءِ پيسا وٺي به جاري نه ڪرڻ جو الزام

پريالوءِ (رپورٽ) — پريالوءِ ڀرسان ڳوٺ حاجي نهال خان بلوچ ۾ گورنمينٽ بوائز ايليمينٽري اسڪول جي شاگردن طرفان هيڊ ماستر اصغرالدين ميمڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاج ڪندڙ شاگردن سميع الله بلوچ، افضل، معين الدين ۽ ٻين الزام هنيو ته هيڊ ماستر اٺين ڪلاس جي سرٽيفڪيٽ لاءِ پيسا وٺڻ باوجود اڄ تائين سندن سرٽيفڪيٽ جاري نه ڪيا آهن، جنهن سبب سندن تعليمي مستقبل خطري ۾ پئجي ويو آهي، جڏهن ته اسڪول انتظاميا مڪمل طور تي بي پرواهه آهي، شاگردن اعليٰ تعليم کاتي جي عملدارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي هيڊ ماستر خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ فوري طور سندن سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا وڃن۔

پنھنجي راءِ لکو