ڪنڌڪوٽ ڊر؛ ڪنڌڪوٽ سکر ۾ بي دردي سان قتل ڪيل قومي ڪارڪن حسيب جوڻيجو جي واقعي خلاف جسم پاران ڪامريڊ عباس باجڪاڻي، گھايل سنڌي، ظفر سنڌي، بابو بھلڪاڻي، وقار ملڪ، فيروز بجاراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ویو مظاھرين چيو ته بي دردي سان قتل واقعي جي پويان لڪيل ھٿ ظاھر ڪري مظلوم جي خون سان انصاف ڪيو وڃي قاتلن کي عبرت جو نشانو بڻايو وڃي،
