ٺڪراٺو : مبار ڪپور ٿاڻو جي حد ۾ بدامني برقرار موٽر سائيڪل ڦر ٺڪراٺو پنوعاقل لنڪ روڊ تان ٻلهڻي پڪٽ لڳ نامعلوم هٿياربندن پاران نوجوان کان هٿيارن جي زور يرغمال بڻائي سي ڊي موٽر سائيڪل , موبائل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا متاثر نوجوان پاران ايس ايس پي سکر کان موٽرسائيڪل جي واپسي جو مطالبو ،ٺڪراٺو (رپورٽ) ٺڪراٺي ويجھو مبارڪپور ٿاڻي جي حد مان ھٿياربندن ھٿان ڳوٺاڻو يرغمال موٽرسائيڪل روڪ رقم ۽ موبائيل فون ڦر ٺڪراٺو ويجھو مبارڪپور ٿاڻي جي حد ٻلھڻي لڳ ٺڪراٺو پنوعاقل لنڪ روڊ تان ڳوٺ ماڪوڙي ڇڄڻ جي رھواسي نوجوان ماجد ڇڄڻ کي ون ٽو فا۽ سوار ٻن ھٿياربندن ڏينھن ڏٺي جو يرغمال بڻائي سي ڊي موٽرسائيڪل 2020 ماڊل رجسٽريشن نمبر 0653 SMT پنج ھزار روپيا روڪ رقم ۽ موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا متاثر نوجوان پاران اھڙو اطلاع مبارڪپور ٿاڻو جي ٻلھڻي چوڪي تي ڏنو ويو پوليس پھچي جاء واردات تي پھچي تفصيل ورتا متاثر نوجوان ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته بدامني تي ڪنٽرول آڻي ڦر ٿيل موٽرسائيڪل واپس ڪرائي ڏني وڃي.
