ڪنڌڪوٽ ڊسٽرڪٽ رپورٽر ،غوثپور ڀرسان،تنگواڻي لنڪ روڊ تي نصير شاخ واري علائقي ۾ تيز رفتار مھراڻ ڪار تيز رفتاري سبب وڻ سان ٽڪرائجي وئي.
ڪار ۾ سوار ھڪ عورت،8 ورھين جي معصوم ٻارڙي ۽ نصيب ﷲ نوناري سميت 3ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا .زخمين مان ھڪ نينگري جي ڳڻتي جوڳي حالت ھجڻ سبب کيس وڌيڪ علاج لا۽ سکر اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي.
زخمين کي ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن ابتدائي طبي امداد لا۽ ڪنڌڪوٽ جي سول اسپتال منتقل ڪيو.حادثي ۾ زخمي تنگواڻي جا رهواسي نوناري خاندان سان تعلق رکندڙ آهن.ڪار غوثپور کان تنگواڻي ڏانهن وڃي رھي ھئي ته حادثو پيش آيو آهي.
