ڪنڌڪوٽ ( رپورٽ عبدالخالق چاچڙ ).. ڪنڌڪوٽ ۾ روحاني طلبه جماعت ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي سال 2023 جي چونڊ حضرت محمد مصطفي مرڪز ۾ ٿي گذري جنهن ۾ هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا. صدر ڪليم الله اوڳاهي طاهري، نائب صدر افتخار گجراڻي طاهري، سينيئر نائب صدر عنايت الله باجڪاڻي طاهري، جنرل سيڪريٽري شان علي محمداڻي طاهري، جوائنٽ سيڪريٽري اختيار علي ملڪ ظاهري، فنانس سيڪريٽري سجاد علي چولياڻي طاهري، پريس سيڪريٽري دوست محمد ملڪ طاهري، آڊيٽر غلام مرتظي اوڳاهي طاهري، آفيس سيڪريٽري، عمران علي ملڪ طاهري، چونڊ صوبائي رهنما صدر عظمت الله ميمڻ طاهري ۽ صوبائي جوائنٽ معراج احمد ابڙو طاهري جن ڪئي آخر ۾ صوبائي دوستن خطاب ڪندي فرمايو ته اسان کي پنهنجي مرشد سڄڻ سائين جن جي عزم کي هر نوجوان تائين پهچائڻو آهي. ۽ آخر ۾ پنهنجي پياري ملڪ پاڪستان جي لاءِ خصوصي طور دعائون گهريون ويون.
