ڪشمور ۾ وڏو پوليس آپريشن ڪامياب، 80 ڌاڙيل هٿيار ڦٽا ڪري پوليس حوالي

ڪنڌڪوٽ مان عبدالخالق چاچڙ موجب، ڪشمور ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي درجنين ڪيسن ۾ گهربل خطرناڪ ڌاڙيلن پنهنجي ڏوهن جي زندگيءَ کي الوداع ڪندي هٿيار ڦٽا ڪري پوليس آڏو پيش ٿي ويا آهن۔ پوليس پاران ڳڙهي تيغو ۾ قائم ڪيل ڪيمپ ۾ پيش ٿيندڙن ۾ 80 ڌاڙيل شامل آهن، جن مان 35 ڌاڙيل انعام يافته ۽ ڪچي واري علائقي ۾ دهشت جي علامت بڻيل هئا۔پوليس ذريعن موجب، پيش ٿيندڙ ڌاڙيلن ۾ سبزوئي گينگ جا نثار سبزوئي، وحيد سبزوئي ۽ سراج، تيغاڻي گينگ جا ٻيلو تيغاڻي، اڪبر تيغاڻي، منظور جتوئي، عطا الله تيغاڻي ۽ سونارو تيغاڻي سميت ڪيترائي ڏوهاري شامل آهن۔ اهي ڏوهاري ڪشمور ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي اغوا، ڌاڙن، ڦرن، قتل ۽ اغوا براءِ تاوان سميت 82 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ گهربل هئاپوليس موجب پيش ٿيندڙ سڀئي ڏوهاري پنهنجي مرضي سان هٿيار ڦٽا ڪري امن جي واٽ اختيار ڪئي آهي۔ سڀاڻي انهن کي ضلعي شڪارپور جي سينٽرل جيل منتقل ڪيو ويندو۔ پوليس عملدارن موجب ڏوهارين جي پيش ٿيڻ سان ڪچي واري علائقي ۾ امن امان جي صورتحال ۾ بهتري ايندي۔

پنھنجي راءِ لکو