ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ) — بڊاڻي جي ڀرسان شادي جي دعوت کائي واپس موٽندڙ ڪار مٿان نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو قتل ۽ ڊاڪٽر سميت ٻه ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. هٿياربند فائرنگ کان پوءِ فرار ٿي ويا، جڏهن ته پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو. مقتول پيرسن حبيب الله ٽانوري جي سڃاڻپ نعت خوان فقير ڀورل ٽانوري جي سئوٽ طور ٿي، لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو. زخمين ۾ ڊاڪٽر عبدالغفار ڏنگر ۽ ڊرائيور اقبال احمد ڇڄڻ شامل آهن، جيڪي آدم چاچڙ جي شادي جي دعوت مان واپس اچي رهيا هئا ته شر برادري جي هٿياربندن مٿن حملو ڪيو. ذريعن موجب، شر ۽ ڏنگر برادري وچ ۾ پراڻو تڪرار هو. ڪجهه مهينا اڳ شر برادري جو نوجوان ڏنگر وٽ مهمان طور آيو هو، جنهن کي پنجاب پوليس گرفتار ڪري مقابلي دوران ماري ڇڏيو. ان واقعي کان پوءِ شر برادري ڏنگر تي الزام لڳايو ته هن نوجوان کي پوليس حوالي ڪيو. ذريعن مطابق، شر برادري ڏنگر برادري تي هڪ ڪروڙ 60 لک روپيا ڏنڊ مقرر ڪيو، جن مان ڏنگرن 70 لک ادا ڪيا هئا، باقي قسطون رهيل هيون ته موجوده فائرنگ جو واقعو پيش آيو. مياڻي پوليس موجب واقعي جي جاچ جاري آهي، پر آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي. زخمي ٿيل ڊاڪٽر عبدالغفار ڏنگر ۽ ڊرائيور اقبال ڇڄڻ کي وڌيڪ علاج لاءِ سکر منتقل ڪيو ويو آهي.
