لاهور: ايل پي جي قيمتن ۾ 15 روپيه في ڪلو واڌ

لاهور: عالمي مارڪيٽ ۾ ايل پي جي قيمت ۾ 50 روپيه في ڪلو گهٽتائي جي باوجود ملڪ ۾ ايل پي جي قيمت ۾ 15 روپيه في ڪلو واڌ ڪئي وئي آهي.
ايل پي جي انڊسٽري ايسوسيئيشن جي چيئرمين عرفان کوکر ٻڌايو آهي ته گيس مافيا 15 روپيه في ڪلو واڌ ڪري ڇڏي آهي جنهن جي نتيجي ۾ گهريلو سلينڊر جي قيمت ۾ 177 روپيه ۽ ڪمرشل سلنڊر جي قيمت ۾ 681 روپيه اضافو ٿي ويو آهي. هن چيو ته سرڪاري قيمت 264 روپيه في ڪلو ملڪ ۾ ڪنهن به جڳهه تي دستياب نه آهي، سموري ملڪ ۾ قيمت 340، 360 ۽ 400 روپين ۾ وڪرو ڪئي پئي وڃي،عرفان کوکر چيو ته ملڪ جي وزيراعظم جي حڪمن تي به عمل نه ٿيو. جڏهن ته پيٽروليم واري وزير مصدق ملڪ جون دعوائون به ڪجهه نه ڪري سگهيون. اوگرا ۽ چيف سيڪريٽري پنجاب پاران پيٽرول ۽ ايل پي جي لاءِ ڇاپا مار ٽيمون جوڙيون ويون پر پوءِ به ايل پي جي بليڪ مارڪيٽنگ جو بازار گرم آهي ايل پي جي چيئرمين چيو ته هٿ ٺوڪين قيمتن تي ايل پي جي وڪرو ٿي رهي آهي ان باوجود اوگرا خاموش تماشائي بڻيل آهي. وڌندڙ قيمتن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ فوري طور تي قدم کڻڻ گهرجن. هن چيو ته ملڪ ۾ روزاني 5000 ٽن ايل پي جي وڪرو ٿي رهي آهي ايل پي جي انڊسٽري کي ٽيڪس فري ڪيو وڃي ۽ مقامي پيداوار وڌائي وڃي

پنھنجي راءِ لکو