پريالوءِ ڀرسان سنڌو درياهه ۾ لڙهندڙ شخص جو لاش ڇهن ڏينهن بعد به نه ملي سگهيو

پريالوءِ (رپورٽ) — پريالوءِ ڀرسان مڇي مارڻ دوران درياهه ۾ ڪري لڙهي ويل ڳوٺ فيض واهه جي گاڏهي پاڙي جي رهواسي 55 ساله خان محمد گاڏهي جو لاش ڇهن ڏينهن گذرڻ باوجود به هٿ نه اچي سگهيو آهي۔ وارثن موجب خان محمد گاڏهي مڇي مارڻ دوران پير ترڪڻ سبب سنڌو درياهه ۾ ڪري پيو، جنهن کي پاڻي جي تيز وهڪري پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ويو۔ سندس پٽ اياز گاڏهي سميت وارثن جو چوڻ آهي ته هو ڇهن ڏينهن کان مسلسل درياهه ۾ ڳولها ڪري رهيا آهن، پر هن مهل تائين لاش جو ڪو پتو نه پئجي سگهيو آهي۔ سندس لاش جي ڳولا دوران ڳوٺ فيض واهه ۾ تڏو رکيو ويو آهي، جتي اجتمائي دعا پڻ گهري وئي۔ درياهه ۾ لڙهي ويل خان محمد گاڏهي جي گهر ۾ سوڳ ۽ قهرام متل آهي۔

پنھنجي راءِ لکو