اسلام آباد: ايف آءِ اي سموري ملڪ ۾ آئل مارڪيٽ ڪمپنين ۽ پيٽروليم شيون ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪري ورتو آهي،ذريعن موجب ڪريڪ ڊائون جي لاءِ سموري ملڪ ۾ سينئر آفيسرن تي ٻڌل ٽيمون جوڙيون ويون آهن. پيٽروليم مافيا خلاف بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي ڪارروائي ڪئي ويندي، جڏهن ته پيٽرول پمپ پڻ چيڪ ڪيا وينداذريعن ٻڌايو آهي ته ذخيرو ڪندڙ مالڪن خلاف سخت قانوني ڪارروائي سان گڏوگڏ لائسنس رد ڪرڻ جو به اشارو ڏنو ويو آهي
