پريالوءِ کان سکر روڊ جي خراب حالت سبب عوام پريشان، حادثن ۾ اضافو

پريالوءِ کان سکر تائين ويندڙ مکيه روڊ جي سخت خراب حالت سبب علائقي جي رهواسين کي روزانو شديد ڏکيائن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو۔ روڊ جا ڪيترائي حصا ٽٽل، کڏن سان ڀريل ۽ گندگي سان ڀرجي ويا آهن، جنهن ڪري نه صرف ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿي رهي آهي پر حادثن جا واقعا به وڌي رهيا آهن۔ علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ڪيترائي ڀيرا انتظاميا کي لکت ۽ زباني شڪايتون ڏنيون ويون آهن، پر اڃا تائين عملي قدم نه کنيو ويو آهي۔ موٽر سائيڪل ۽ رڪشا ڊرائيورن موجب روڊ جي حالت ايتري خراب ٿي چڪي آهي جو روزانو ڪيترائي ماڻهو پسلجي يا حادثي جو شڪار ٿي زخمي ٿين ٿا۔ مسافرن جو چوڻ آهي ته روڊ جي خستگي سبب سفر ۾ ٻن کان ٽي ڪلاڪ وڌيڪ وقت لڳي ٿو ۽ گاڏين جي مرمت تي به اضافي خرچ اچي رهيو آهي۔ سماجي اڳواڻن ۽ شهرين حڪومت سنڌ ۽ ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي پريالوءِ-سکر روڊ جي مرمت ۽ ٻيهر تعمير جو ڪم شروع ڪيو وڃي، جيئن عوام کي هن تڪليفده صورتحال مان نجات ملي سگهي۔

پنھنجي راءِ لکو