ڪنڌڪوٽ ۾ عالمي هٿ ڌوئڻ جي ڏينهن تي صوفي سچل سرمست ويلفيئر ايسوسيئيشن جي آگاھي تقريب

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ) عالمي هٿ ڌوئڻ جي ڏينهن جي موقعي تي صوفي سچل سرمست ويلفيئر ايسوسيئيشن پاران آءِ آر سي ۽ يورپي يونين جي سهڪار سان گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول محمد عثمان کوسو، يونين ڪائونسل ڪجلي، تعلقو ڪنڌڪوٽ ۾ هڪ شاندار آگاھي سيمينار جو اهتمام ڪيو ويو. تقريب ٽن ڪلاڪن تائين جاري رهي، جنهن ۾ مرد، عورتون، نوجوان ۽ ٻار وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. تقريب جو مقصد هٿ ڌوئڻ جي اهميت بابت شعور وڌائڻ، صفائي کي فروغ ڏيڻ ۽ بيمارين جي روڪٿام لاءِ عملي قدم کڻڻ هو۔ ان موقعي تي صوفي سچل سرمست ويلفيئر ايسوسيئيشن جي ٽيم هٿ ڌوئڻ جا صحيح طريقا ڏيکاريا ۽ شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو ته هٿ ڌوئڻ ڪهڙين حالتن ۾ ضروري آهي، جيئن کاڌو کائڻ کان اڳ، ٽوائلٽ استعمال ڪرڻ کان پوءِ، ٻار جي سنڀال کان اڳ ۽ بيمار جي خدمت کان پوءِ۔ تقريب ۾ غذائيت ۽ صاف پاڻي بابت پڻ آگاھي ڏني وئي، خاص طور تي نوجوان ڇوڪرين کي صحتمند خوراڪ ۽ ذاتي صفائي جي اهميت تي زور ڏنو ويو۔ صوفي سچل سرمست ويلفيئر ايسوسيئيشن جي سي اي او قطب الدين چيو ته “اسان جو مقصد هڪ اهڙو سماج ٺاهڻ آهي، جتي هر فرد پنهنجي صحت جي ذميواري پاڻ کڻي ۽ هٿ ڌوئڻ کي روزاني عادت بڻائي.” حفيظ الله کوسو، يوسي چيئرمين پڻ صفائي بابت شعور وڌائڻ ۽ آگاھي مهم کي وڌيڪ تيز ڪرڻ تي زور ڏنو۔ آخر ۾ شرڪت ڪندڙن واعدو ڪيو ته هو پنهنجي گهر، اسڪول ۽ ڪميونٽي ۾ صفائي ۽ هٿ ڌوئڻ جو پيغام پهچائيندا، ڇو ته “اسان جا هٿ، اسان جو مستقبل — صابڻ سان هٿ ڌوئڻ سان صحتمند زندگي ممڪن آهي.”

پنھنجي راءِ لکو