ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ) بخشاپور مان چار ڏينهن اڳ پر اسرار نموني گم ٿي ويل ڪشمور جو رهواسي نند لعل جي اغوا ٿيڻ جي تصديق ٿي وئي آهي، ڌاڙيلن پاران نند لعل تي ٿيل تشدد جي هڪ ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي جنهن ۾ کيس سخت اذيت ڏني پئي وڃي. ويڊيو وائرل ٿيڻ بعد علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو آهي جڏهن ته پوليس طرفان واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي. مقامي ماڻهن موجب نند لعل کي بخشاپور ويجهو ڪچي واري علائقي مان اغوا ڪيو ويو هو، ۽ ڌاڙيلن پاران موڪليل ويڊيو ۾ مبينا طور کيس مارڻ جون ڌمڪيون به ڏنيون ويون آهن. ايس ايس پي ڪشمور محمد مراد گهانگهرو جو چوڻ آهي ته مغوي جي بازيابي لاءِ خاص ٽيمون جوڙي ڇڏيون ويون آهن ۽ جلد ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف سرچ آپريشن تيز ڪيو ويندو ته جيئن نند لعل کي بازياب ڪرايو وڃي۔
