ڪراچي (موسميات کاتي موجب) اڄ شهر ۾ تيز ۽ سُڪيون هوائون هلڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي، جن جي رفتار 25 کان 35 ڪلوميٽر في ڪلاڪ تائين رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي۔ سُڪين هوائن سبب فضا ۾ نمي جو تناسب گهٽ رهندو، جڏهن ته پاڪستان جي سامونڊي پٽي لاءِ في الحال ڪنهن به ڊپريشن يا طوفاني خطري جي اڳڪٿي نه ڪئي وئي آهي۔ ايئر ڪوالٽي انڊيڪس مطابق ڪراچي جي هوا جو معيار غيرصحت بخش قرار ڏنو ويو آهي، شهر جي هوا ۾ آلودگيءَ جا ذرا 167 پرٽيڪيوليٽ ميٽرز تائين رڪارڊ ڪيا ويا آهن، جنهن کان پوءِ ڪراچي دنيا جي آلوده ترين شهرن ۾ چوٿين نمبر تي اچي ويو آهي۔ ٻئي طرف اسلام آباد ۽ ان جي ڀرپاسي علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ ٿورو ٿڌو رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته خيبرپختونخوا جي ڪيترن ضلعن ۾ موسم خشڪ ۽ چترال، سوات، ڪوھستان ۽ مانسهره جي پهاڙي علائقن ۾ هلڪي برفباري ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي۔ پنجاب جي گهڻن علائقن ۾ موسم خشڪ، مري ۽ گليات ۾ ٿڌو رهندو، جڏهن ته سنڌ جي گهڻن ضلعن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ، ۽ بلوچستان، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ سرد ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي۔
