ڪراچي ۾ ڊجيٽل ڏوهن جي جاچ ۽ تربيت لاءِ جديد ٽيڪنالاجي سان ليس سینٽر آف ڊجيٽل فارنزڪ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (CDFST) جو باقاعدي افتتاح ڪيو ويو آهي، هي منصوبو پلاننگ ڪميشن اسلام آباد جي مالي سهڪار ۽ هائر ايجوڪيشن ڪميشن (HEC) جي معاونت سان مڪمل ڪيو ويو آهي۔ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خالد محمود عراقي موجب، هن سينٽر ۾ ڊجيٽل ڪرائم انويسٽيگيشن، موبائل فراڊ ڊٽيڪشن، ڪمپيوٽر ۽ ليپ ٽاپ فارنزڪ، سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس جي عملي استعمال تي خاص تربيت ڏني ويندي، جڏهن ته هن جو چوڻ هو ته هي سينٽر پاڪستان ۾ ڊجيٽل فارنزڪ تحقيق ۽ تربيت جي شعبي ۾ هڪ اهم سنگِ ميل ثابت ٿيندو، جيڪو شاگردن، ماهرن ۽ محققن لاءِ نون موقعن جا در کولي ڇڏيندو۔
