سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 14 ورهين جي نياڻيءَ جي منشيات وڪرو ڪرڻ واري ڪيس ۾ ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت والدين پاران نياڻيءَ کان منشيات وڪرو ڪرائڻ تي شديد ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پوليس کي حڪم ڏنو ته والدين کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي۔ جسٽس عمر سيال ريمارڪس ڏيندي چيو ته والدين کي گرفتار ڪري جاچ ڪئي وڃي ته نياڻيءَ کي منشيات فروشيءَ ۾ ڇو استعمال ڪيو ويو، جڏهنته هن وڌيڪ چيو ته ماءُ پيءُ ٻارن جي تربيت، نگراني ۽ حفاظت جا ذميوار آهن، جيڪڏهن والدين هن ڏوهه ۾ ملوث ثابت ٿيا ته انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي۔ عدالت نياڻيءَ کي چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي حوالي ڪرڻ جو حڪم پڻ جاري ڪيو۔
