سندھ انوائرنمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي (سيپا) جي ڊائريڪٽر جنرل وقار حسين ڦلڦوٽو چيو آهي ته هاڻي صوبه سنڌ ۾ ماحولياتي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي۔هن چيو ته آلودگي پيدا ڪندڙ صنعتي ادارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، ڇوته صنعتي فضلو، زهريلا خارجا ۽ دونھون ماڻهن جي صحت ۽ ماحول لاءِ وڏو خطرو آهن۔وقار حسين ڦلڦوٽو، جيڪو وزيراعليٰ سنڌ جو مشير ماحوليات به آهي، حيدرآباد جي مختلف صنعتي علائقن جو دورو ڪيو ۽ اتي ماحولياتي حالتن جو جائزو ورتو۔هن لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته ماحولياتي معيار تي ڪو به سمجھوتو نه ڪيو وڃي ۽ قانون جي مطابق سخت ڪارروائي يقيني بڻائي وڃي۔
