ٺڪراٺو مبارڪپور ۾ ڀٽي برادري جو زمين تي قبضو خلاف احتجاج مظاهرين انصاف جا مطالبا ڪيا

ٺڪراٺو ڀرسان مبارڪپور ۾ ڀٽي برادري جي مردن، عورتن ۽ معصوم ٻارن سميت هڪ وڏي احتجاجي مظاهري ۾ شرڪت ڪندي پنهنجي بااثر مائٽ نورالدين ڀٽي خلاف زمين تي قبضو ڪرڻ ۽ زندگي جي خلاف ڌمڪين جو الزام لڳايو.مظاهرين جو چوڻ هو ته نورالدين ڀٽي انهن جي ديھ نانگورو ۾ موجود تقريباََ 6 ايڪڙ زمين تي غيرقانوني طور قبضو ڪري ويٺو آهي ۽ انهن کي زمين ڇڏڻ لاءِ جان جي خطري، ڳوٺ ڇڏي وڃڻ ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، جنهن سبب سندن زندگيون خطري ۾ آهن.احتجاج دوران محمد سچل ڀٽي، عبدالله ڀٽي، نورحسن، دلاور، مائي مورزادي، مائي صلاحان سميت مظاهرين نعره بازي ڪئي ۽ مطالبو ڪيو:ڊي آءِ جي، ايس ايس پي سکر ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کي مخاطب ڪندي چيو ويو ته فوري طور اسانجي زمين تان قبضو ختم ڪيو وڃي؛نورالدين ڀٽي خلاف موتمار ڌمڪين ۽ زمين تي قبضي جي مدعيت ۾ قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي؛متاثر خاندانن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.مظاهرين وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن انهن جي اهلڪي مطالبن تي عمل نه ڪيو ويو ته وچاريل قانوني ۽ احتجاجي قدم کنيا ويندا.

پنھنجي راءِ لکو