ڪنڌڪوٽ ڪشمور پوليس جي ڪامياب ڪارروائي ڏھ موٽرسائيڪلون ۽ ٽي موبائل فون هٿ ڪري اصل مالڪن حوالي

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ) ڪشمور پوليس هڪ ڪامياب ڪارروائي ڪندي ڏھ موٽرسائيڪلون ۽ ٽي موبائل فون هٿ ڪري اصل مالڪن حوالي ڪري ڇڏيا.تفصيل موجب، ايس ايس پي ڪشمور محمد مراد گهانگهرو جي هدايتن تي ايس ڊي پي او ڪنڌڪوٽ اصغر علي شاهه جي اڳواڻي ۾ پوليس ٽيم ڪارروائي ڪندي چوريل سامان هٿ ڪيو.پوليس هٿ ڪيل موٽرسائيڪلون هيٺين مالڪن جي حوالي ڪيون:محمد علي ڇڄڻ، روي ڪمار، رفيق احمد، ارشد سومرو، سيد باقر علي، سرمد جاگيراڻي، حافظ اورنگزيب، گل محمد گولو، عبدالرشيد بھلڪاڻي ۽ غلام حيدر اوڳاهي.هٿ ڪيل ٽي موبائل فون هيٺين مالڪن کي واپس ڪيا ويا: اميت ڪمار، سومل ڪمار ۽ روهت ڪمار.پوليس موجب اهي موٽرسائيڪلون ۽ موبائلون گرفتار جوابدارن وقار احمد سومرو ۽ آصف اقبال چاچڙ جي سڃاڻپ تي هٿ ڪيون ويون، جن کي ڪجهه ڏينهن اڳ زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو هو.ايس ايس پي ڪشمور محمد مراد گهانگهرو پوليس ٽيم جي ڪارڪردگي جي ساراهه ڪندي چيو ته ماڻهن جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪشمور پوليس جي پهرين ترجيح آهي، ڏوهارين خلاف سخت ڪارروائيون جاري رهنديون۔

پنھنجي راءِ لکو