رامسوامي ڊمپر حادثي ۾ نوجوان جي موت بعد دهشتگردي ڪيس داخل چوٿون ايف آءِ آر درج

ڪراچي جي علائقي گارڊن رامسوامي ۾ ڊمپر حادثي ۾ نوجوان جي فوت ٿيڻ واري واقعي تي چوٿون مقدمو داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ دهشتگردي، جلاو گهيراو ۽ نجي ملڪيت کي نقصان پهچائڻ جون دفعات شامل ڪيون ويون آهن۔ پوليس موجب هي ڪيس ڊمپر جي مالڪ جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ 20 کان 25 شرپسند ماڻهن کي نامزد ڪيو ويو آهي۔مدعي چيو ته ڊمپر قسطن تي خريد ڪيو ويو هو، جنهن کي نيازالله نالي ڊرائيور هلائي رهيو هو۔ واقعي واري ڏينهن ڪنڊيڪٽر اطلاع ڏني ته نشتر روڊ تي ماڻهن ڊمپر کي باهه ڏئي ڇڏي آهي۔ مدعي ٻڌايو ته هو جڏھن موقع تي پھتو ته فائر برگيڊ گاڏيون باهه وسائي رهيون هيون، بعد ۾ معلوم ٿيو ته حادثي ۾ ھڪ شخص فوت ۽ سندس زال زخمي ٿي۔پوليس موجب مشتعل ھجوم ڊرائيور تي تشدد ڪيو ۽ گاڏي کي باھ ڏني، جن مان ڪجهه ماڻھو هٿياربند پڻ ھئا، جن علائقي ۾ خوف ۽ ڏهڪاءُ پيدا ڪيو۔ پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ جاري آهي۔

پنھنجي راءِ لکو