ڪراچي ۾ بلاول هائوس ڀرسان سيف سٽي پروجيڪٽ جي ڪيمرن لاءِ لڳايل ڊسٽريبيوشن باڪس نامعلوم ماڻهن چوري ڪري ورتو۔ڊائريڪٽر جنرل سيف سٽي پروجيڪٽ آصف اعجاز شيخ تصديق ڪندي چيو ته باڪس چوري ٿيڻ کان پوءِ ڪيمرا بند ٿي ويا، جن کي بعد ۾ کمن مان لاٿو ويو۔سندس چوڻ آهي ته بلاول هائوس چوڪ ڀرسان لڳايل ڊي بي باڪس ۾ لکين رپين جو سامان موجود هو، جڏهن ته چوري وقت الارم نه وڄڻ بابت به جاچ ڪئي پئي وڃي۔واضح رهي ته هي واردات ان وقت ٿي آهي جڏهن ڪراچي ۾ فيس ليس ٽڪيٽنگ سسٽم تحت ٽريفڪ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن کي اي چالان موڪليا پيا وڃن۔بلاول هائوس ڀرسان مصروف چوڪ تي اهڙي چوري شهري حلقن ۾ حيرت جو سبب بڻيل آهي۔
