ڪراچي: ملڪ ۾ سون جي قميت ۾ اڄ 400 رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي
مقامي صرافا مارڪيٽن ۾ ڇنڇر تي في تولي ۽ ڏهه گرام سون جي قميت ۾ ترتيبوار 400 ۽ 343 رپيا واڌ ٿي آهي ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ملتان، لاهور، فيصل آباد، رولپنڊي، اسلام آباد، پشاور ۽ ڪوئيٽا جي سونارا بازار ۾ في تولو 400 رپيا مهانگو ٿي هڪ لک 98 هزار 400 رپين جو ٿي ويو آهي اهڙي ريت ڏهه گرام سون جي قيمت 343 رپيا واڌ بعد هڪ لک 70 هزار 96 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت بنا ڪنهن ڦيرڦار جي 1865 ڊالر جي سطح تي برقرار آهي
