پريالوءِ ۾ الرا جتوئي تڪرار تان ٽن نوجوانن جي قتل بابت فيض محمد ٻُنڊو ٿاڻي تي 40 جوابدارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي، جيڪا محمد هاشم الرو جي فرياد تي درج ڪئي وئي۔ داخل ڪيل ڪيس ۾ 36 سڃاتل ۽ 4 اڻ سڃاتل جوابدارن کي شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس پاران جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا جاري آهن ۽ ڳولا کي وڌيڪ تيز ڪيو ويو آهي۔ ايس ايڇ او فيض محمد ٻُنڊو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سڀ جوابدار جلد گرفتار ڪيا ويندا ۽ واقعي ۾ ملوث ڪنهن به شخص کي بخشيو نه ويندو۔
