ڪراچي ۾ گئس جي بدترين لوڊشيڊنگ: سياري کان اڳ ئي شهري لکڙين تي کاڌو پچائڻ تي مجبور

ڪراچي ۾ سياري جي اچڻ کان اڳ ئي گئس جي بدترين لوڊشيڊنگ جاري آهي، جنهن سبب شهري سخت پرشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن۔ پي آءِ بي ڪالوني ۽ ويجهڙن علائقن ۾ گذريل 20 ڏينهن کان گئس بند هجڻ سبب ماڻهن جي روزاني زندگي مڪمل مفلوج ٿي وئي آهي۔گئس جي شديد کوٽ سبب چولها ٿڌا پئجي ويا آهن ۽ شهري لکڙيون ساڙي يا مهانگا سلينڊر استعمال ڪري کاڌو پچائڻ تي مجبور آهن۔ جهانگير روڊ، جمشيد ڪوارٽر، مارٽن ڪوارٽر ۽ پي آءِ بي ۾ پاڻي ۽ گئس جي بندش خلاف شهري احتجاج ڪري رهيا آهن ۽ “گئس ڏيو، گئس ڏيو” جا نعرا هنيا پيا وڃن۔رهواسين جو چوڻ آهي ته گئس جا بِل ته باقاعدي ملي رهيا آهن، پر مهينن کان گئس جي فراهمي بند آهي۔ شهرين افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته هي منظر ڪنهن پٺتي پيل ڳوٺ جا نه پر 2025ع جي ڪراچي جا آهن، جيڪو ملڪ کي 70 سيڪڙو کان وڌيڪ ريونيو ڏئي ٿو، پر ان جي رهواسين کي بنيادي سهولتون به ناهن ملي رهيون۔عوامي نمائندن قومي، صوبائي اسيمبلي ميمبرن ۽ بلدياتي نمائندن تي پڻ سخت تنقيد ڪئي وئي، جيڪي علائقي جي سنگين مسئلن کان مڪمل طور لاتعلق نظر اچي رهيا آهن۔

پنھنجي راءِ لکو