ڪراچي: شهر قائد ۾ ٻه ڏينهن جاري رهندڙ سائڪون 6.0 (SCICON) سائنسي اولمپياڊ جو شاندار آغاز ڪيو ويو، جنهن ۾ 25کان وڌيڪ اسڪولن ۽ ڪاليجن مان 450 کان وڌيڪ شاگردن ڀرپور شرڪت ڪئي۔هي سائنسي مقابلو ڪراچي جي شاگردن جي سائنسي مهارتن، تخليقي سوچ ۽ تحقيق جي صلاحيت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم فراهم ڪري ٿو۔ هن سال جي ايڊيشن ۾ ڊيڪرپٽيڪا (Decryptica)، ڪائنيٽڪ ڪاسڪيڊ (Kinetic ascade)، مارڪيٽ ميهم (Market Mayhem) ۽ سائلنٽ ٽيسٽيموني (Silent Testimony) جهڙا جديد ماڊيول شاملآهن، يڪي شاگردن جي علم، مسئلا حل ڪرڻ جي سگهه ۽ عملي صلاحيتن جو جائزو وٺن ٿا۔اسڪول پرنسپل تابنده رضاچيو ته “SCICON 6.0 جي ميزباني اسان لاءِ اعزاز آهي، هي پليٽ فارم جدت، تحقيق ۽ تخليقي سوچ کي هٿي ڏئيٿو।”قابلي ۾ ڪراچي جي وڏن نجي ۽ سرڪاري تعليمي ادارن پڻ شرڪت ڪئي، جنهن سان هر طبقي جا شاگرد پنهنجي صلاحيتن جو اظهار ڪري سگهن ٿا۔ماهر تعليم حُميـرا خالد چيو ته سائڪون 6.0 شاگردن جي سائنسي سوچ ۽ جدت ۾اهم اضافو ڪندو۔هي ٻه ڏينهن وارو سائنسي ايونٽ شاگردن لاءِ هڪ يادگار تجربو ثابت ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ دلچسپ مقابلا، مفيد سيشن ۽ انڊسٽري جي ماهرن سان ملاقات جا موقعا شامل آهن
