ڪراچي جي بهتري ۽ شهري سهولتن ۾ واڌ لاءِ چين بلديه عظميٰ ڪراچي کي 58 جديد سولر اسٽريٽ لائيٽس عطيو ڪري ڇڏيون آهن۔ ميئر ڪراچي بيرسٽر مرتضيٰ وهاب چيني قونصليٽ پهتا، جتي هي لائيٽس باقاعدي نموني حوالا ڪيون ويون۔ان موقعي تي چيني قونصليٽ ۾ ايم او يو تي دستخطن جي هڪ خاص تقريب پڻ منعقد ڪئي وئي ميئر ڪراچي چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ تعاون هميشه مضبوط رهيو آهي ۽ مستقبل ۾ اهو وڌيڪ وڌندو۔مرتضيٰ وهاب جو چوڻ هو ته جديد سولر اسٽريٽ لائيٽس شهر جي بهتري لاءِ اهم قدم آهن۔ انهن جي تنصيب سان رستن تي روشني وڌندي، شهرين جي سيڪيورٽي ۾ سڌارو ايندو ۽ سهولتن ۾ بهتري ايندي۔ميئر كراچي چيني حڪومت جي تعاون تي شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته پاڪ چين دوستي هر آزمائش ۾ ثابت قدم رهي آهي ۽ اهڙا قدم ان رشتو وڌيڪ مضبوط ڪن ٿا।
