ڪنڌڪوٽ:تنگواڻي ۾ سندراڻي قبيلي جي ماڻهن پاران پاڪ ڪتاب کڻي بهٽائي ڪالوني پوليس جي ناجائزين خلاف خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

ڪنڌڪوٽ ڊسٽرڪٽ رپورٽر ،تنگواڻي ۾ سندراڻي قبيلي جي ماڻهن پاران پاڪ ڪتاب کڻي بهٽائي ڪالوني پوليس جي ناجائزين خلاف خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. تنگواڻي ڀرسان ڳوٺ شاهنواز سندراڻي ۾ پوليس چڙهائي ڪري اسان جي ٻن نوجوانن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. اسان غريب آهيون پوليس اسان جي نوجوان تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. احتجاج ڪندڙن پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪري انصاف جو مطالبو ڪيو. تنگواڻي ٺل روڊ بلاڪ ٿيڻ سبب مسافر گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون. احتجاج ڪندڙن ايس ايس پي ڪشمور ۽ آءِ جي سنڌ کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو وسيع ڪيو ويندو.