امتحانن ۾ اي مارڪنگ سسٽم اسماعيل راهو جي شاگردن لاءِ وڏي خوشخبري

ڪراچي صوبائي وزير يونيورسٽي اينڊ بورڊ اسماعيل راهو شاگردن لاءِ امتحاني سسٽم بابت وڏي خوشخبري ڏيندي چيو آهي ته شفاف امتحانن لاءِ هاڻي اي مارڪنگ سسٽم اختيار ڪيو ويندو۔انٽر بورڊ ڪوآرڊينيشن ڪميشن جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته موجوده نظام ۾ نتيجن جي تياري ۾ دير ٿي ويندي آهي، جڏهن ته اي مارڪنگ سسٽم سان نتيجن جي تياري جو عمل تيز، شفاف ۽ وڌيڪ مؤثر ٿيندو۔ هن ٻڌايو ته ڪجهه تعليمي بورڊ اڳ ۾ ئي ڪجهه پرچن جي اي مارڪنگ شروع ڪري چڪا آهن۔صوبائي وزير موجب سوالن جي تياري ۽ پرچن جي جانچ تائين سمورا مرحلا هاڻي جديد ٽيڪنالاجي سان هلاسا ويندا ۽ بورڊ جا ڪم ڪار جديد خودڪار سسٽم تحت هلندا۔هن وڌيڪ ٻڌايو ته 70 هزار کان 80 هزار استادن جون مقرريون مڪمل ٿي چڪيون آهن ۽ اسڪولن کان ٻاهر رهجي ويل ٻارن کي واپس آڻڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن۔اسماعيل راهو جو چوڻ هو ته آءِ سي سي بي ايس جو معاملو قانون کاتي ڏانهن موڪليو ويو آهي ۽ سڀني اسٽيڪ هولڊرن، ڊونرز ۽ جامعہ ڪراچي کي اعتماد ۾ وٺي ادارن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويندو۔هن واضع ڪيو ته سنڌ حڪومت ڪنهن به فيصلي ۾ جامعہ ڪراچي جي خلاف نه ويندي ۽ قانون کاتي جي سفارش بعد سڀني لاڳاپيل ڌرين کي صورتحال کان آگاهه ڪيو ويندو۔

پنھنجي راءِ لکو