ڪنڌڪوٽ :ڪشمور تعليم کاتي جي ڊي اي او سيڪنڊري ۽ ڪلارڪن پاران ايڇ ايس ٽي مان هيڊ ماستر جي عهدي تي پروموشن لاءِ سينارٽي لسٽ تي ناانصافي ڪرڻ خلاف، احتجاج

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ عبدالخالق چاچڙ ) ڪشمور تعليم کاتي جي ڊي اي او سيڪنڊري ۽ ڪلارڪن پاران ايڇ ايس ٽي مان هيڊ ماستر جي عهدي تي پروموشن لاءِ سينارٽي لسٽ تي ناانصافي ڪرڻ خلاف اميدوار ايڇ ايس ٽي استاد محمد صلاح باجڪاڻي جو احتجاج تفصيل موجب ايڇ ايس ٽي استاد محمد صلاح باجڪاڻي کي تعليم کاتي جي ڊي اي او سيڪنڊري ڪشمور ۽ ڪلارڪن پاران 17 هين گريڊ جي سينارٽي لسٽ ۾ شامل نه ڪرڻ ۽ من پسند ماڻهن جي لسٽ ٺاهي HST مان هيڊ ماستر جي پوسٽ تي پروموٽ ڪرڻ واري ناانصافي خلاف سينارٽي اميدوار محمد صلاح بجڪاڻي احتجاج ڪندي چيو ته 2005ع کان منهنجو نالو سينارٽي نمبر وائيز پيو ھلي جيڪو 2022 جي لسٽ ۾ پھرين نمبر تي اچي پھتو جنهن منھنجي نالي کي سينارٽي مان ڪشمور تعليم کاتي جي ڊي اي او سيڪنڊري ۽ ڪلارڪن پاران ڪڍي مون سان سازش ڪئي آھي مون کان ھيٺين نمبرن وارن کان پئسن خاطر ڊي اي او سيڪنڊري ۽ ڪلارڪن جي بدھواسي مونکي سينارٽي لسٽ مان هٽائي ڇڏيو منهنجي پويان نمبرن وارن ماڻهن کي لسٽ ۾ شامل ڪري ايڇ ايس ٽي جي پوسٽ کان هيڊ ماستر جي عهدي تي پروموٽ ڪيو ويو آهي متاثر محمد صلاح باجڪاڻي صوبائي وزيرِ تعليم سردار شاہ. سيڪريٽري تعليم اڪبر لغاري. ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته نااهل ڊي اي او سيڪنڊري ڪشمور ۽ ڪرپٽ ڪلارڪن خلاف نوٽيس وٺي انھن کي نوڪرين تان برطرف ڪري مون سان انصاف ڪري مون کي هيڊ ماستر جي عهدي تي ترقي ڏني وڃي.