اسلام آباد::آءِ ايم ايف جي شرط تي گيس جي قيمتن ۾ واڌ جو امڪان

اسلام آباد: حڪومت آءِ ايم ايف جي هڪ ٻئي شرط پوري ڪرڻ جي تياري ڪري ورتي آهي جنهن جي نتيجي ۾ گيس جي قيمتن ۾ واڌ جو امڪان آهي
وفاقي ڪابينه جي اقتصادي رابطه ڪميٽي طرفان اڄ گيس جي قيمتن ۾ واڌ جي منظوري ڏيڻ جو امڪان آهي، ڪميٽي جو اجلاس اڄ شام 4 وڳي وفاقي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ ٿيندو جنهن ۾ هڪ نڪاتي ايجنڊا تي غور ڪيو ويندو ذريعن موجب گيس جي قيمتن ۾ امڪاني واڌ پهرين جنوري 2023 تي ٿيندي اڄ ٿيندڙ اي سي سي اجلاس جو هڪ نڪاتي ايجنڊا گيس جي قيمتن ۾ واڌ بابت آهي آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي(اوگرا) گيس جي قيمتن ۾ واڌ جو فيصلو اڳ ئي ڪري چڪي آهي، اي سي سي جي منظوري سان عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) جي هڪ ٻئي طرف شرط پوري ٿي ويندي