اسلام آباد: حڪومت عوام کان فيول چارجز جي مد ۾ 55 ارب روپيه وصول ڪرڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون

اسلام آباد: حڪومت آءِ ايم ايف سان ڳالهين کي ڪامياب بنائڻ جي لاءِ 170 ارب روپين جي مني بجيٽ ۽ عوام کان اڳوڻي بقايائن جي ريڪوري لاءِ ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اڄ کان ڳالهيون شروع ٿينديون. ٻئي طرف 170 ارب روپين جي مني بجيٽ ۽ عوام کان پراڻين بقايائن جي ريڪوري لاءِ ڪم به جاري آهي حڪومت گذريل سال ٻوڏ دوران بجلي جي بلن تي ڏنل ريليف واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن جي تحت عوام کان فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ 55 ارب روپيه وصول ڪيا ويندا. آگسٽ ۽ سيپٽمبر 2002 ۾ برسات ۽ ٻوڏ دوران بجلي جي بلن تي فيول چارجز ملتوي ڪيا ويا هئا مختلف شين تي جي ايس ٽي جي شرح 17 مان وڌائي 18 سيڪڙو ڪرڻ ۽ نان فائلرز جي بينڪ ٽرانزيڪشنز تي 0.6 سيڪڙو وڊ هولڊنگ ٽيڪس لڳائڻ تي به غور ڪيو پيو وڃي. ان کان علاوه سگريٽس ۽ انرجي ڊرنڪس تي به ٽيڪس ۾ واڌ جو امڪان آهي